SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


هاڃيڪار هوائون


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


هاڃيڪار هوائون

Greenhouse Gases GHG

گرين هائوس گئسز

ماحول ۾ موجود اهڙيون گئسون، جيڪي نقصان ڏيندڙ تپش (Radiation) پيدا ۽ جذب ڪرڻ جي عمل ۾ مصروف هجڻ ڪري ڌرتيءَ جي گولي تي زهريلو ماحول پيدا ڪنديون آهن. انهن گئسن ۾ آبي بُخارات، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ميٿين ۽ نائٽرس آڪسائيڊ شامل آهن. ان کان علاوه شمسي نظام جي سيارن- وينس، مريخ ۽ ٽائيٽان تي پڻ ڪُجهه اهڙيون گئسون موجود آهن جيڪي زهريلا ۽ تيزابي اثر رکن ٿيون. اهي گئسون ڌرتيءَ جو گرمي پَدُ وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، ان کي ڏينهون ڏينهن ماحولياتي طور گدلو ڪري رهيون آهن. هنن جي نه هُجڻ جي صورت ۾ گرميءَ جو سراسري پَدُ 33 ڊگري سينٽي گريڊ (F 59) هُجي، جيڪو موجوده پَدَ کان گهڻو هيٺ ٿيندو. صنعتي انقلاب کان پوءِ فضا ۾ گندن مادن جو مقدار 280 ppm کان وڌي 390 ppm ٿي ويو آهي، جنهن ڪري اُهي فضا مان صحتمند گئسون ختم ڪري ماحولياتي معاشي ۽ سياسي مسئلا پيدا ڪري رهيون آهن. دُنيا ۾ ماحولياتي بچاءَ جي تنظيمن پاران اهڙين زهريلين گئسن تي ضابطي لاءِ وڏيون تحريڪون هلايون ويون آهن. خاص ڪري يورپ ۾ انهن تنظيمن جي جدوجهد جي وڏي اهميت آهي


Remember Me Also:

گڏڻ

مصدر. ذ . گُڏي ڇڏڻ ، جمع ڪرڻ ، گڏ ڪرڻ ، جوڙ واڌارو ڪرڻ ، جوڙ ڪرڻ ، ملائڻ ، ميڙڻ ، گڏيو، گڏيندو ، گڏيل.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal